ڀرت ڪمار ڍنگرا

ڀرت ڪمار ڍنگرا: ڀرت ڪمار ڍنگرا اداڪار ۽ هدايتڪار آهي . هن جو جنم حيدرآباد ، سنڌ ۾ 9 جون 1945ع تي ٿيو ، بي . اي تائين تعليم حاصل ڪيائين . اداڪاري ۽ ھدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ 40 سالن جو تجربو اٿس . سنڌي ناٽڪن ، ” طلاق “ ، ” وواهه جو ٻنڌڻ “ ، ” بنڊل باز “ ، ” بيڏوھيءَ جو ڏوھه “ ۽ ” ٽي باندر “ وغيره سان گڏ ، ھندي ۽ مارواڙي ناٽڪن ۾ پڻ اداڪاري ۽ ھدايتڪاري ڪيائين . ” بيڏوھيءَ جو ڏوھ “ ناٽڪ ۾ بھترين اداڪاريءَ لاءِ انعام حاصل ڪيائين . آل انڊيا ريڊيو تي انائونسر ٿي به ڪم ڪيائين ، هن وقت انڌيري ويسٽ ، ممبئي ۾ رهي ٿو .


لفظ ڀرت ڪمار ڍنگراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو